صدر شي جي ”عوام ۾ واپسي “ واري مهم
شفيق سولنگي سيتائي
سال 2012ع ۾ ٿيندڙ نيشنل ڪانگريس چين جي موجوده صدر شي جن پنگ کي ملڪ جي سڀ کا طاقتور پوزيشن لاءِ چونڊيو ويو ھيو، ان وقت سندس عمر 59 سال ھئي. عالمي دنيا ۾ اڻ ڃاتل ھي شخص اڄ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مشھور شخصيتن مان ھڪ آھي. 2016 ۾ چائنيز ڪمونسٽ پارٽي کيس پارٽي جو ”ڪور“ يعني مرڪزي اڳواڻ مقرر ڪيو جنھن سان سندس اقتدار ۽ پارٽي ۾ پوزيشن تمام مظبوط ٿي. سندس سياسي قد ۽ مضبوطي جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سي پي سي ھن سال نيشنل ڪانگريس ۾ شي جن پنگ جي سياسي نظريي کي ڪميونسٽ پارٽي جي منشور ۾ شامل ڪيو آھي، جنھن جو مطلب صدر شي کي سي پي سي جي باني اڳواڻ مائو زي تنگ جي برابريءَ واري حيثيت ڏني وئي آھي. ھاڻي سي پي سي جي باني اڳواڻ وانگر شي جن پنگ جي نظرئي کي چين جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ لازمي پڙھايو ويندو.
ھن سال به سڄي دنيا جون نظرون چين جي گادي واري شھر بيجنگ مين ھلندڙ چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جي 19 نيشنل ڪانگريس تي ھيون، عالمي ادارن ۽ ماھرن اڳي ئي شي جن پنگ جي ھڪ دفعو وري چونڊجڻ جي اڳڪٿي ڪئي ھئي، چين جي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي ۽ ٻين معاملن تي نظر وجھبي ته اھيا اڳڪٿي بلڪل صحيح ثابت ٿيندي. پوليٽڪل سائنس ۽ پرڏيهي پاليسي جي ماھرن جي اڳڪٿي مطابق ئي 19 نيشنل ڪانگريس صدر شي جن پنگ کي ئي ايندڙ پنجن سالن لاءِ پارٽي جو اڳواڻ ۽ ملڪ جو صدر چونڊيو آھي. مشھور عالمي ميگزين فارين پاليسي ته اھيو به لکي چڪي ھئي ته صدر شي جن پنگ جو اقتدار ٻن ٽرمز کان به وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.
صدر شي جن پنگ موجوده دنيا جو شايد واحد اڳواڻ آھي جنھن پنھنجي ننڍپڻ ۾ زندگي جا ست سال غار ۾ گذاريا آھن. شي جن پنگ جي زندگي جو ھڪڙو پھلو اھو به آھي ته ھو موجوده چين جي بانين ۾ شامل چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جي ھڪ اڳواڻ ۽ مائو زي تنگ جي ساٿي جي گھر ۾ پيدا ٿيو، ان جي زندگي جو ٻيو پھلو اھيو آھي ته ھو مزدور ۽ انتھائي غريب طبقي جي ماڻھن سان غار ۾ رھيو ۽ انھن غريبن سان گڏ ھارپو ۽ مزدوري به ڪيائين ته جيئن چين جي ھيٺئين طبقي جي زندگي ۽ ماڻھن مان زندگي جو ھنر سکي سگھي ۽ عام ماڻھن جي زندگي ۽ مسئلن کان واقف ھجي.
پھريون دفعوچين جي صدر ٿيڻ کان پوءِ شي جن پنگ وڏي پيماني تي ڪرپشن خلاف مھم ھلائي، صدر شي جي ڪرپشن خلاف تحريڪ جا تمام مثبت نتيجا نڪتا آھن، چائنيز ڪميونسٽ پارٽي تقريبن ڏھ لک چيني آفيسرن جي چال چلت ۽ نظم و ضبط کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب رھي آھي، نه صرف عام چيني بلڪ فوجي جنرلن کان وٺي سي پي سي جي جنرل سيڪٽري کي ڪرپشن جي ڪري عھدي تان لاھي سزا ڏني وئي. ڪرپشن خلاف بلا امتياز مھم صدر شي جي مقبوليت ۾ وڏو اضافو ڪيو آھي. صدرشي جي ڪرپشن خلام مھم تي تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته سندس مھم جو مرڪز ڪرپشن جا طريقيڪار ڳولڻ ۽ ملوث آفيسرن چاھي سي پي سي جو مرڪزي اڳواڻ ھجي يا عام ڪلرڪ، ان کي سزا ڏيڻ آھي، جڏھن ته ڪرپشن جي بيماري کي جڙ کان ٻاھر ڪڍڻ تي صدر شي جي مھم جو ڌيان گھٽ آھي. انھن جو چوڻ آھي ته صدر شي جي بدعوانين خلاف قدم سندس اڳوڻي قيادت کان گھڻي منفرد نه آھي بس سندس عزم ۽ ڪاوشون غيرمعمولي آھن جنھن جي ڪري ھو عام ماڻھن جون دليون کٽي چڪو آھي.
صدر شي جن پنگ عملي طور تي پيپلز لبريشن آرمي ۾ سڌارا آندا آھن جنھن سان نه صرف چيني فوج مظبوط ٿي پر ان سان شي جن پنگ کي چيني فوج جي سڌي سنئين قيادت به ملي آھي. ھاڻي صدر شي چيني فوج جي اعليٰ ترين ڪمانڊ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو سربراھ آھي.
ھن چين جي معيشت ۽ عوام جي اعتماد کي وڏي حد تائين بحال ڪيو آھي. شي جن پنگ کي قيادت سنڀالڻ وقت ڪيترائي مسئلا سامھون ھيا ھن وڏي پيماني تي مسعلن تي برتري حاصل ڪئي آھي پر اڄ به سندس سڀ کان وڏو مسئلو چين ۾ وڌندڙ غربت آھي. ان اھم ۽ انتھائي حساس مسئلي کي صدر شي قاميابي سان حل ڪرڻ ۾ مصروف آھي، چين جي انگ اکرن مطابق سال 2016 ۾ لڳ ڀڳ ستر ملين چيني غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن، جڏھن ته صدر شي جي پاليسي مطابق ھر سال لڳ ڀڳ ڏھه ملين چيني غربت جي لڪير کان ٻاھر نڪري رھيا آھن، صدر شي جي حڪومتي پاليسي مطابق 2020ع تائين چين ۾ ڪوبه ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ نه ھوندو. اهو ئي سبب آھي جو صدر شي جن پنگ جي نئي پوليٽبرو جي پنجويھه نمائندن ۽ ست اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جو انتخاب چين جي معاشي ۽ سياسي استحڪام کي نظر ۾ رکندي ڪيو آھي.
صدر شي جن پنگ ۽ سندس ٻٽيهه ميمبر تمام مشڪل انتخابي طريقيڪار مان گذري ان جڳھگ تي پڳا آھن، شايد اھيو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سندن پاليسين ۾ ناڪامي جا چانسز زيرو برابر آھن. ھي چيني اڳواڻ ڪروڙي سي پي سي ميمبرن کي پنھنجي قابليت ۽ عقل جي بنياد تي پوئتي ڇڏي آيا آھن.
چين جي انگن اکرن مطابق ھن وقت سي پي سي جا اٽڪل 89 ملين پارٽي ميمبر آهن ۽ ھر سال لڳ ڀڳ ويھ لک چيني سي پي سي ۾ شموليت ڪري رھيا آھن. سي پي سي گراس روٽ ڪميٽي هميشه ماڻھن جو سڌ سماءِ ۽ انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ زميني سطح تي موجود ھوندي آھي.
چين ۾ طاقت جو مرڪز سي پي سي آھي، سي پي سي فيصلا ڪندي آھي ۽ حڪومت انھن فيصلن تي عمل ڪندي آھي. سي پي سي ۾ ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ معيار تمام مشڪل ۽ سخت مقابلي وارو ھوندو آھي. پاڪستان جي سياست وانگر سي پي سي ۾ ٽولن جي صورت ۾ پارٽي جوائن نه ٿي ڪري سگھجي، سي پي سي جي ميمبرشپ اجتمائي نه پر انفرادي ھوندي آھي. ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ھر شخص کي امتحان مان گذرڻو پوي ٿو جڏھن ته معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ تمام مشڪل طريقڪار ۽ ساليانو امتحان به رکيو ويندو آھي.
ڪو به فرد جيڪڏهن سي پي سي جو ميمبر ٿيڻ چاھي ٿو ته ان کي سي پي سي جي گراس روٽ ڪميٽي کي درخواست لکڻي پوي ٿي، جنھن کان پوءِ ڪميٽي ان فرد کي سي پي سي جي منشور مطابق سياسي تربيت ڏيندي آھي، ان فرد کي ھر سال چار دفعا سي پي سي جو امتحان ڏيڻو پوي ٿو جنھن کان پوءِ وڃي پارڻي جو ميمبر ٿئي ٿو. ڪو به شخص تيسيتائين سي پي سي جا ميمبر نه ٿو ٿي سگھي جيسيتائين ھو امتحان پاس نه ٿو ڪري ۽ جيسيتائين گراس روٽ ڪميٽي ان شخص جي ميمبر ٿيڻ جي صلاحيت جي تصديق نه ٿي ڪري. چين جي ھيڏي وڏي آبادي ۾ سي پي سي جا صرف نو ڪروڙ ميمبر ھجڻ شايد ان ڳالهھ جو ثبوت آھي ته سي پي سي جو ميمبر ٿيڻ ڪنھن وڏي امتحان پاس ڪرڻ جي برابر آھي. سي پي سي شايد دنيا جي واحد سياسي جماعت ھوندي، جنھن مان ھر سال ناقص ڪارڪردگي جي ڪري ھزارين ميمرن جي پارڻي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي آھي. سي پي سي جي سڀئي ميمبر پارٽي فيس ڏيڻ جا پابند ھوندا آھن، پر فيس ميمبر فرد جي ڪل آمدني تي منحصر ڪري ٿي، جيتري وڌيڪ آمدني اوتري وڌيڪ فيس، جيتري گھٽ آمدني اوتري گھٽ فيس، ليڪن ڏيڻي لازم آھي، ڪو به ميمبر جيڪڏھن ڇھه مھينا فيس نه ٿو ڏئي ته ان جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي آھي. سي پي سي ڪميٽي ھر ميمبر جي سالياني رپورٽ تيار ڪندي آھي جنھن ۾ ان رڪن جي ڪارڪردگي، خيالن ۽ روين کي پرکيو ويندو آھي. پارٽي جو ميمبر ٿيڻ مطلب حڪومتي نمائندو ٿيڻ آھي، جڏھن ته سي پي سي مان خارج ٿيڻ مطلب سياسي زندگي جو خاتمو پڻ آھي.
ھن وقت وڏي درجي جي شھرن طرف لڏپلاڻ سي پي سي لاءِ به چيئلنج ثابت ٿي رھي آھي. صدر شي عوام ۽ چيني حڪومت جي وچ ۾ وڌندڙ فرقن ۽ فاصلن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ پھرئين دور ۾ ھڪ مھم جو اعلان ڪيو جنھن جو مقصد حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويجھڙائي آڻڻ ۽ عوام جي دلين ۾ جڳھه ٺاھڻ آھي ڇو جو صدر شي جي سي پي سي جو چوڻ آھي ته عوام ۽ حڪومت ۾ فاصلا ۽ فرق وڌن پيا جيڪي نه وڌڻ کپن. صدر شي ان مھم جو نالو ”عوام ۾ واپسي“ رکيو آھي. صدر شي جن پنگ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ طاقت مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھو چيني عوام ۾ پنھنجي ۽ سي پي سي جي ساک بحال ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪو آھي. اميد ٿي ڪجي ته صدر شي جن پنگ وانگر پاڪستان جون سياسي پارٽيون به عوام ۾ واپسي جي مھم شروع ڪنديون ۽ اسان جا سياسي رھنماءَ صدر شي جن پنگ وانگر اھڙا سياسي نظريا متعارف ڪرائيندا جن کي آئين ۽ نصاب جو حصو بڻائي سگھجي.
No comments:
Post a Comment